محسن ٻٻر ـ

گذريل هڪ سال کان سنڌي هندن جي لڏي وڃڻ جو بحث شروع ٿيل آهي. اهڙن واقعن ۾ تڏهن تيزي اچي ويندي آهي، جڏهن ميڊيا، سنڌي هندن سان ٿيندڙ ڪو نه ڪو خاص واقعو رپورٽ ڪندي آهي. ڪيترن ئي واقعن ۾ ڏٺو ويو آهي ته غير ضروري Hype پئدا ڪئي ويئي آهي، جنهن سان نه رڳو اصل حقيقتون لڪي وينديون آهن پر معاملي تي غير ضروري بحث پڻ جنم وٺندو آهي ۽ هن مسئلي کي جٽادار بنيادن تي حل ڪرڻ بدران انفرادي ڪيسن تي گهڻو ڌيان ڏنو ويندو آهي. ان جو مقصد هرگز اهو نه آهي ته ڪو اهي سمورا واقعا ڪوڙا هوندا آهن يا انهن کي رپورٽ ڪرڻ جي ضرورت ناهي هوندي. ان سڄي معاملي کي مختلف رخن ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي ۽ جيڪڏهن ان جا پيرا کڻجن ته انهيءَ جا ذميوار ڪجهه انفرادي واقعا نه پر ننڍي کنڊ جي ورهاڱي، تاريخ جي بدترين لڏ پلاڻ، پاڪستان جي رياستي، سياسي ۽ سماجي جوڙجڪ، 65 سالن کان ٿيندڙ آئين سازي ۽ قانونسازي ۽ خود سنڌي هندن جي اشرافيه طبقي جا منفي رويا آهن. جيستائين موجوده لڏ پلاڻ جو تعلق آهي ته منهنجي راءِ ۽ تجزئي موجب، في الحال هي هڪ Media Hype جو نتيجو آهي، جيڪا وقت سان گڏ ختم ٿي ويندي. اچو ته ان معاملي جي مختلف پهلوئن تي ڳالهه ٻولهه ڪريون.

ننڍي کنڊ جو ورهاڱو ۽ هندن جي آبادي

ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته پاڪستان جو ٺهڻ ٻه قومي نظرئي جي سياست تي ٻڌل هو. جيتوڻيڪ محمد علي جناح سميت سموري مسلم ليگي قيادت جي سياست جو بنياد مذهب ئي هو پر پاڪستان ٺهڻ کان بعد ئي جناح ان سوچ کي هٿي نه وٺرائي ۽ ملڪ جي عبوري آئين ۾ مذهبي اقليتن، خاص طور تي هندن کي يقين ڏياريو ويو ته هو هن ملڪ ۾ رهي سگهن ٿا. پاڪستان جو جهنڊو به انهيءَ سوچ جو مظهر آهي ۽ سيڪيولر محمدعلي جناح جو 11 آگسٽ وارو خطاب به ملڪ جي جوڙجڪ ڪندڙ حڪمرانن لاءِ هڪPolicy Guideline يا رهنما اصول هو پر ان پاليسي گائيڊ لائين کي ملڪ جي بعد ۾ ايندڙ حڪمران اشرافيه طبقي 1949ع جي عبوري ۽ 1956ع واري آئين جي Objective Resolution ۾ ليڙون ليڙون ڪري، هڪ اهڙي رياست جو بنياد وڌو، جنهن ۾ مذهبي اقليتن کي رياستي، سياسي ۽ سماجي طور تي قومي ڌارا کان تمام گهڻو دور ڪرڻ هو. انهيءَ کي 1973ع واري آئين ۾ وڌيڪ مضبوط بنايو ويو. اڄ اهي بنياد هڪ اهڙو وڻ بنجي چڪا آهن، جنهن جون پاڙون پٽڻ سولو ڪم نه آهي.

پاڪستاني رياست ۽ مذهبي اقليتون

فيبروري 1948ع تائين سنڌ ۾ هندو- مسلم فساد ظاهر نه هو پر جيئن ئي هندستان مان لڏ پلاڻ ڪندڙ رياستي سرپرستي ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد پهتا، سنڌ ۾ وڳوڙ شروع ٿي ويا، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌي هندن جي هندستان لڏڻ جي سلسلي ۾ تيزي اچي ويئي. ايل ڪي آڏواڻي پنهنجي آتم ڪٿا My Country, My Life ۾ لکيو آهي ته، ”پاڪستان ٺهڻ بعد به سنڌي هندو سنڌ ڇڏڻ لاءِ تيار نه هئا.“ 1941ع جي آدمشماري موجب، سنڌي هندن جو انگ8 لک، ڇاونجاهه هزار، ست سئو سورنهن  هو، جيڪو پاڪستان جي 1951ع ۾ ٿيل پهرين آدمشماري ۾ گهٽجي هڪ لک، ٽيٽيهه هزار، پنج سئو ٻاهتر ٿي ويو، جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته لڳ ڀڳ ست لک، ٽيويهه هزار، هڪ سئو، ايڪيتاليهه سنڌي هندن کي پنهنجا اباڻا ٿاڪ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو. هندستان جي 1951ع جي آدمشماري رپورٽ موجب، ست لک، ڇاهتر هزار سنڌي هندو، سنڌ ڇڏي هندستان لڏ پلاڻ ڪري پهتا. اڄ پاڪستان ۾ هندن جي آبادي 75 لک جي لڳ ڀڳ آهي، جنهن جو 94 سيڪڙو (69 لک) سنڌ ۾ رهي ٿو. پاڪستان ۾ مذهبي اقليتن سان ٿيندڙ سلوڪ ڪنهن کان ڳجهو نه آهي. هندن سان ٿيندڙ ڏاڍ ۽ جبر جا واقعا، باقي مذهبي اقليت سان ٿيندڙ واقعن جي ڀيٽ ۾ ڪجهه به نه آهن پر نه ميڊيا انهن کي رپورٽ ٿي ڪري ۽ نه ئي وري رياستي مشينري ۽ سماجي ڍانچو سندن سهائتا لاءِ تيار آهي. ايتريقدر جو سندن عبادتگاهن تي موت مار حملا به ٿيندا رهندا آهن ۽ حملي آورن کي موقعي تي پڪڙيو به ويو پر مت ڀيد تي ٻڌل رياستي ۽ سماجي ڍانچي سبب اهي ماڻهو اڄ آزاد گهمن پيا پر انهيءَ جي باوجود عيسائي ۽ احمدي اجتماعي لڏپلاڻ نه پيا ڪري سگهن. پنجاب ۾ عيسائين ۽ احمدين سان رياست، سماج ۽ ميڊيا بيهڻ لاءِ بالڪل تيار نه آهي. انهيءَ جو سبب اها ساڳي رياستي پاليسي آهي، جنهن کي نه رڳو لياقت علي خان اڳتي وڌايو، بلڪه جنرل ايوب، ذوالفقار ڀٽو ۽ جنرل ضياءُ الحق  به رياست جي روح جو حصو بنائي ڇڏيو. سنڌ جو ڪيس مختلف آهي. سنڌ ۾ مجموعي طور مذهبي رواداري ۽ صوفي سوچ سبب سنڌي هندن سان سماجي مت ڀيد نه آهي. سنڌي هندن سان ٿيندڙ ڪجهه واقعا ضرور مذهبي مت ڀيد تي ٻڌل هوندا پر گهڻي ڀاڱي طبقاتي آهن، جيڪي مسلمانن جي هيڻي طبقي سان به آهن، بلڪه اغوا وارن ڪيسن ۾ ته هندن کان وڌيڪ مسلمان ڀوڳي پيو ۽ رياستي مشينري ۽ حڪومتي سرپرستي سبب اغوا ڪندڙ هڪ صنعت جو درجو اختيار ڪري ويا آهن. سنڌي هندن سان رياست، سندس قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ سندس پئدا ڪيل طاقتون ته ڏاڍ ڪن ٿيون پر مجموعي طور تي معاشرو، سنڌ پرست سياسي لڏو ۽ سنڌي ميڊيا سنڌي هندن سان گڏ بيٺل رهيو آهي ۽ اڄ به بيٺل آهي.

ڇا سنڌي هندن جي لڏپلاڻ جو انگ ايترو وڏو آهي؟

گڏيل قومن جي هڪ اداري UNHCR  جي رپورٽ موجب سال 2011ع ۾ ڪل 150 خاندان لڏي هندستان هليا ويا. ضروري ناهي ته اهي سڀ جا سڀ عدم تحفظ ۽ مذهبي مت ڀيد سبب لڏي ويا هجن. سنڌي هندن جو هندستاني سنڌي ڳالهائيندڙ هندن سان مٽيون مائٽيون ڪرڻ هڪ عام ڳالهه آهي. سال 2012ع ۾ خاص طور تي رنڪل ڪماري جي واقعي کانپوءِ سنڌي هندن جي لڏ پلاڻ جي رپورٽنگ ۾ تيزي آئي آهي پر اصل انگ اکر ڇا آهن، ڪنهن کي خبر ناهي. اهي رڳو هندستان جو گهرو کاتو ئي ڏيئي سگهي ٿو، جنهن ۾ اهو ٻڌايو وڃي ته هر سال ڪيترا سنڌي هندو، هندستان ۾ سياسي پناهه يا شهريت جي درخواست ڏيندا آهن. مختلف سببن ڪري سنڌي هندن جي لڏڻ وارو سلسلو ڪيترن ئي سالن کان هلي پيو پر جيئن ته ميڊيا Hype پئدا نه ڪئي ويئي هئي ته معاملي کي ايتري اهميت نه ملي سگهي هئي. هاڻي انهيءَ ميڊيا Hype جي وچ ۾ جيڪڏهن سنڌي هندو خير صلا ۾ به هندستان ٿو وڃي ته ميڊيا جي چنگل ۾ ڦاسي ٿو پوي. جيڪي ماڻهو لڏ پلاڻ ڪري وڃن ٿا ته سڀ کان پهرين ته اصل تحقيق ڪري انهيءَ جا سبب ڳولهڻا پوندا، جيڪڏهن سندن لڏڻ جو سبب رڳو عدم تحفظ ۽ مذهبي مت ڀيد کانسواءِ آهي ته اها ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. سڄي دنيا ۾ هڪ خطي کان ٻئي خطي ڏانهن انسانن جي لڏپلاڻ جو عمل جاري آهي، جنهن جو مک سبب معاشي مسئلا، روزگار، تعليم جي حاصلات، مٽي مائٽي، جنگيون، عدم تحفظ ۽ قدرتي آفتون وغيره آهن. بين الاقوامي تنظيم OECD جي تازي رپورٽ موجب هر سال 80 هزار پاڪستاني، يورپ، آمريڪا ۽ عرب ملڪن ڏانهن لڏ پلاڻ ڪندا آهن. سنڌ ۾ قبيلائي تڪرارن، پوليس جي ظلم، اغوا، سياسي دشمني، تعليم، روزگار، مٽي مائٽي جي سببن ڪري هزارين ماڻهو ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو ڏانهن منتقل ٿي رهيا آهن. زيادتيون ۽ جبر انهن ماڻهن سان به آهن، جيڪي پنهنجي جُوءِ ڇڏي ٻين شهرن ڏانهن منتقل ٿي رهيا آهن. پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ تائين مرڪز پرست ڀوتار پارٽين طرفان سنڌ جي حقن سان کيڏي ويندڙ ۽ ڏاڍاين جي روداد توهان اسان سڀني جي سامهون آهي. ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ کان ويندي ون يونٽ مڙهڻ ۽ سنڌ جي وسيلن تي قبضي ٿيڻ تائين ۽ 80ع واري ڏهاڪي ۾ فوجي آپريشن کان ويندي سنڌي سياسي ڪارڪنن جي عدالت کان مٿانهن ۽ عدالتي قتلن جي اڄوڪي سلسلي تائين سنڌي ماڻهو ڀوڳيندو رهيو آهي ۽ اڃا به ڀوڳي پيو پر سنڌين ڪڏهن به پنهنجي ڌرتي ڇڏي  Mass Migration ڪرڻ جو ناهي سوچيو.

سنڌي هندن جو اشرافيه طبقو

مجموعي طور تي سنڌي هندو امن پسند آهن، ڪاروبار ۽ تعليم کانسواءِ ٻئي ڪنهن شعبي ۾ گهڻي دلچسپي نه وٺندا آهن. سنڌي هندن جو اشرافيه ۽ پئسي وارو طبقو گهڻي ڀاڱي پاڪستان جي مرڪز پرست سياسي ڌارا ۾ شامل رهيو آهي ۽ انهيءَ ۾ ذاتي ۽ سياسي طور لاڀ حاصل ڪندو اچي پيو، پوءِ کڻي ان کي ”سيڙپ ڪري“ پارٽي ٽِڪيٽ ڇو نه وٺڻي پوي. سنڌ ۾ اهڙا گهٽ سنڌي مسلمان قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر آهن، جن جو ”سيڙپ ڪار“ ديوان نه هجي. سندن هر قسم جو خرچ، ڪاروبار ۽ خاص طور تي اليڪشني خرچ انهن ئي ديوان سيڙپ ڪارن جي حوالي هوندو آهي. توهان اتر سنڌ ۾ هليا وڃو، سنڌي هندن جو وڏي پئماني وارو ڪوبه اهڙو ڪاروبار توهان کي نه ملندو، جنهن ۾ ڪنهن مسلمان وڏيري يا با اثر شخص جو بنا سيڙپ جي ”حصو پتي“ نه رکيل هجي. سيڙپ ڪندڙ سنڌي هندن جو اهو ساڳيو طبقو انهن ساڳين مرڪز پرستن ۽ وڏيرن کي سگهارو ڪندو آيو آهي، جن پاڪستان جي رياست جو اهڙو سرشتو جوڙيو آهي، جتي مذهبي اقليتن سان غير انساني سلوڪ روا رکيو ويندو آهي. اهو ساڳيو طبقو ساڻن مختلف قسم جي ڏاڍاين (اغوا وغيره) ۾ به شامل رهيو آهي پر پوءِ به”انصاف“ لاءِ ساڳي طبقي وٽ پهچي ويندا آهن. هندو ڇوڪرين جي جبري مذهب تبديلي واري معاملي کانسواءِ سنڌي هندن سان زيادتين وارو معاملا، مثال طور اغوا براءِ ڀنگ، ڦُرون، ڌاڙا، پوليس جي ڏاڍائي، ڀوتارن جو جبر وغيره اهڙا معاملا آهن، جنهن مان سنڌي مسلمان به محفوظ ناهي، پوءِ ان جو مقصد اهو ناهي ته پنهنجي ڌرتي ڇڏي لڏ پلاڻ ڪري وڃجي. اهي ماڻهو جيڪي هندستان لڏي وڃڻ جو سوچي رهيا آهن، انهن جي سڌ لاءِ گذارش آهي ته هندستان جي حڪومت سنڌ مان لڏي ايندڙ سنڌي هندن جي آجيان لاءِ ناهي بيٺي. هندستان ۾ سنڌي هندن کي سياسي پناهه ممڪن نه آهي ۽ شهريت ڏيڻ جي انتهائي حوصلي شڪني ڪئي ويندي آهي ۽ ان کي تمام ڏکيو بنايو ويو آهي. مان اڄ به ڪيترن ئي خاندانن جو حوالو ڏيئي سگهان ٿو، جيڪي هندستان ۾ ڏکيا آهن ۽ پنهنجي فيصلي تي نادم آهن. آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس پاران شائع ڪيل ڪتاب Interpreting the Sindhi World: Essays on society and history ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته 1947ع ۾ سنڌ مان هندستاني گجرات لڏي ويندڙن سنڌي هندن کي مقامي هندن اڃا تائين مڪمل طور قبول ناهي ڪيو.

جيڪي ايڪڙ ٻيڪڙ سنڌي هندو خاندان سنڌ ڇڏي وڃن پيا، اهو سندن ذاتي فيصلو آهي، انهيءَ کي سموري هندو ڪميونٽي سان نه ڳنڍڻ گهرجي. سنڌي هندن جو هڪ ٻيو وڏو الميو اهو رهيو آهي ته سندن وچولي ۽ هيٺين طبقي جو سياسي رهنمائي ڪرڻ ڏانهن گهڻو ڌيان ڪونهي. انهن سموري سياست کي پنهنجي اشرافيه طبقي جي هنج ۾ وجهي ڇڏيو آهي ۽ وري پڇاڻو به ناهي ڪيو ته توهان اسان کي ڪهڙي مرڪز پرست پارٽي کي وڪڻي آيا آهيو. رنڪل ڪماري واري معاملي جو به گهڻو حصو سياست جي نذر ٿي ويو ۽ گهوٽڪي ضلعي جي ٻن وڏن سياسي گروپن انهيءَ معاملي تي سياست ڪري انهيءَ کي گهڻو خراب ڪيو. رنڪل ڪماري سميت ٻيا اهڙا واقعا جڏهن به ٿين ٿا ته سنڌي هندن جو اشرافيه طبقو متاثر ڌر کي ڪنهن نه ڪنهن وڏيري آڏو زوري ”ڪمپرومائيز“ ڪرائيندو آهي. چڪ جي سنڌي هندن جي قتل جو نتيجو ڇا نڪتو؟ آخر ۾ ”پنچن“، متاثر ڌرين کي وڏيرن سان زوريءَ ڪمپرومائيز ڪرايو. ”پنچائت“ ٿوري تڪليف ڪاٽي انهيءَ معاملي تي اسٽينڊ وٺي ها ۽ ڏوهارين کي سندن انجام تائين پهچائي ها ته اهو تاثر جڙي ها ته سنڌي هندو مزاحمت ڪرڻ به ڄاڻي ٿو. اغوا جي واقعن ۾ به ائين ٿيندو آهي. سنڌي هندو ”سافٽ ٽارگيٽ“ هوندو آهي ۽ ڀنگ ڀرڻ سندس پهرين ۽ آخري ترجيح هوندي آهي. ڪو به واقعو هجي، مزاحمت ۽ ٻڌي ڪرڻ بدران سنڌي هندو وٽ پهرين ۽ آخري ڪوشش ”ڪمپرومائيز“ هوندي آهي.

حڪمت عملي ڇا هجڻ گهرجي؟

سنڌي هندو، سنڌ ڌرتي جو اڻٽُٽ حصو آهن، انهن کي ڪير به پنهنجي ڌرتيءَ کان پري نٿو ڪري سگهي. منهنجي راءِ موجب، سنڌ جي اصلوڪي مڊل ڪلاس سنڌي هندن کي، قومي ڌارا کان هٿ وٺي پري رکيو ويو آهي، جنهن ۾ سنڌي هندن جي اشرافيه ڪلاس جو به وڏو هٿ آهي. ان لاءِ ضروري آهي ته اشرافيه ۽ مڊل ڪلاس جو نوجوان سنڌي هندو، مرڪز پرست سياست ڪرڻ بدران سنڌ پرست سياست واري ڌارا ۾ شامل ٿئي ۽ ضرورت پوڻ تي جمهوري ۽ مزاحمتي سياست ۽ حڪمت عملي جو حصو بنجي. هر ڳالهه ۾ ڪمپرومائيز ڪرڻ ۽ ڀڄڻ واري روش ڪهڙي صورت ۾ به سندن فائدي ۾ ناهي. منهنجي نظر ۾ هن رياست جا ڪيترائي قانون پاڪستان جي مذهبي اقليتن خلاف مت ڀيد تي ٻڌل آهن، جن کي آئيني ۽ قانوني تحفظ ذريعي تبديل ڪري سگهجي ٿو. ان لاءِ روايتي پنچائتي سرشتي کي رڳو سماجي معاملن تائين محدود ڪرڻ گهرجي. سنڌي هندن جو مڊل ڪلاس اڄ به سنڌ جو اثاثو آهي. بهترين ڊاڪٽر، تعليمدان، انجنيئر، ڪاروبار ڪندڙ، سنڌي هندن ۾ موجود آهن، انهن کي پنهنجي ذاتي ۽ خانداني ترقي سميت سنڌ جي ترقي ۽ حقن جي جدوجهد ۾ عملي حصو وٺڻو پوندو. الڪيشني وڏيرن جي مالي سهائتا ڪرڻ بدران انهن کي جمهوري، پارلياماني، سنڌ پرست سياسي ۽ غير سياسي ڌرين جي جدوجهد ۾ هٿ ونڊائڻو پوندو، جن کي سنڌ جي ماڻهن سان ٿيندڙ زيادتين جي ڳڻتي آهي. سڀني کان اهم ڳالهه اها آهي ته سنڌ جي هندن کي پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ ”هندو اقليت“ ٿي نه پر ”سنڌي“ ٿي سوچڻو ۽ اڳيان هلڻو پوندو، سنڌ جي مسئلن جو جٽادار حل به انهيءَ ۾ آهي. اسان سنڌي، هندن واري معاملي تي عقل ۽ حڪمت عملي بدران بنا تحقيق جي، صرف جذباتي ڳالهيون ڪندا رهيا آهيون. ان مسئلي تي سياڻپ جو مظاهرو ٿيڻ کپي. سنڌ ۾ ظلم مسلمان سان ٿئي يا هندن سان، بهرحال اهو ظلم سنڌين سان ٿئي ٿو. ان تي مذهب پرستي نه پر قومپرستي ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڀلي ڪير به هُجي، جيڪو هن معاملي تي ”هندو“ ۽ ”مسلمان“ ٿي سوچي ٿو، اهو سنڌ سان بيوفائي ٿو ڪري. هر سنڌيءَ جو مسئلو سڄي سنڌ جو مسئلو آهي. اسان کي ته ٻيا سڀ معيار وساري صرف ”سنڌيت“ کي پنهنجو معيار بنائڻ گهرجي.

thesindhjournal@gmail.com

(روزاني ڪاوش، 16 آگسٽ 2012ع تي شائع ٿيل)